خاڻوٺ مندر هالا

خاڻوٺ مندر هالا

خاڻوٺ مندر هالا

خاڻوٺ مندر هالا: تعلقي هالا، ضلعي مٽياري جي وچ شهر ۾ قائم هن مندر کي شيوا منڊلي ۽ نارائڻ گر مندر جي نالن سان به سڏجي ٿو. هي مندر پهريون ڀيرو 1945ع ۾ تعمير ڪيو ويو ۽ بعد ۾ 2004ع ۾ هن مندر کي وڌائي نئين سر تعمير ڪيو ويو. هن مندر جي عمارت عام گهر جهڙي ۽ ٻن حصن تي مشتمل آهي. هڪ ڪشادي ڪمري جي ايراضي تي پکڙيل مندر جي ٻاهرين ديوار تي ناسي ۽ ميٽوڙي رنگ جا چٽڪمرا ٽائيلز نصب آهن، وچ تي اڇي رنگ جو لوهي در، جيڪو بنهه سادو آهي ۽ در جي ٻنهي پاسن کان ديوار ۾ لوهي کڙڪيون ڄاري سميت لڳل آهن. در ۽ درين کان هڪ فوٽ جي فاصلي تي مستطيل شڪل جي لوهي ڄاري پڻ ديوار ۾ لڳل آهي، جيڪا روشني ۽ هوا خاطر نصب ٿيل ٿي ڏسجي. مٿان 3 کان 4 فوٽ ڇڄو ڏنل آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنڊن وٽ نيساري طور پلاسٽڪ جا پائيپ لڳل آهن. مندر جو اندريون حصو سادو آهي، ديوارن سميت فرشبندي سفيد ٽائيلز سان ڪيل آهي. هڪ هنڌ چورس ٿلهو ٺهيل آهي، جنهن تي شو جي لنگ جو علامتي پٿر رکيل آهي. مندر جو ٻيو حصو مکيه ڪمري جي ڀرسان آهي ۽ زيارتين توڙي مسافرن جي قيام طور ڪتب اچي ٿو. اهو حصو مٿانهين ٿلهي تي آهي، جنهنڪري اندر داخل ٿيڻ لاءِ ٻه ڏاڪاڏنل آهن. چورس ستونن سان ٻه لنگهه ڏنل آهن. هن حصي جي ڇت مٿان چڱي خاصي باؤنڊري (گهيرو) ڏنل آهي، جنهن جي چؤڌاري سيمينٽ جون ڄاريون لڳل آهن. هن مندر مٿان ڪو به شڪارو اڏيل ڪونهي بلڪه محض هڪ سرخ جهنڊو لڳل آهي. هن مندر ۾ مقامي هندو، شِو جي پوڄا ڪندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو